حسين بخش وڳڻ

حسين بخش وڳڻ: سماجي خدمتگار حسين بخش وڳڻ 1942ع ڌاري جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. هي ٽي درجا سنڌي پڙهيو. هن 1 جنوري 1990ع تي الشهباز ويلفيئر ايسوسيئيشن جيڪب آباد نالي هڪ تنظيم قائم ڪري سماجي ڪم شروع ڪيائين. ان اداري طرفان جيڪب آباد ۾ ٻه ايمبولينس هلايون وڃن ٿيون. حسين بخش وڳڻ کي سماجي خدمتن عيوض پاڪستان ويلفيئر ايسوسئيشن 1994ع ۾ گولڊ ميڊل، سنڌي ادبي سنگت طرفان 1992ع ۾اوارڊ ۽ آمريڪا جي بايوگرافيڪل سوسائٽيءَ طرفان کيس 1999ع ۾ هڪ سند مليل آهي، هيءُ جيڪب آباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ حسين بخش وڳڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو